سيد نذر محمد شاهه

سيد نذر محمد شاهه

سيد نذر محمد شاهه

سيد نذر محمد شاهه: نوابشاهه ضلعي جو مشهور سياستدان سيد نذر محمد شاهه ولد سيد خير شاهه، ڊسمبر 1924ع ۾ ڳوٺ قراني، لڳ ڪوئيٽا ۾ ڄائو. هن جا وڏا اصل ڪوئيٽا جا هئا، تنهنڪري هي خاندان ڪوئٽيائي سيد به سڏجي ٿو. سندس والد سيد خير شاهه وڏي دٻدٻي ۽ اثر رسوخ وارو زميندار هو، جنهن جي نالي سان تعلقي نوابشاهه ۾ خير شاهه جو ڳوٺ موجود آهي.
سيد نذر شاهه ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ نوابشاهه جي مشهور تعليمي اداري، ڊي. سي. هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ داخل ٿيو، جتان 1941ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين ۽ پوءِ خانداني پيشي زمينداريءَ ۾ لڳي ويو. ڪجهه وقت کانپوءِ سياست ۾ پير پاتائين. لوڪلبورڊ نوابشاهه جو چيئرمئن به ٿي رهيو. 1962ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبلي ۽ 1970ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 15 مئي 1981ع تي کيس سنڌ حڪومت ۾ ٻيلن، روينيو، مواصلات ۽ ورڪس جو وزير بنايو ويو. 1985ع کانپوءِ هن سياست تان رٽائر ڪيو. شاهه صاحب هڪ سٺو سماجي ورڪر به هو. علائقي ۾ ڪيترا سڌاري جا ڪم ڪرايا، جن ۾ نوابشاهه جي سول اسپتال جو سڌارو، پنهنجي ۽ دوستن جي خرچ سان ڪيائين. سيد نذر شاهه علائقي جي عوام جي سماجي ۽ معاشي زندگيءَ ۾ گهري دلچسپي وٺڻ ڪري ڪافي اثر رسوخ رکندو هو.
هن 8 نومبر 1994ع تي پنهنجي ڳوٺ خير شاهه ۾ وفات ڪئي. سندس لائق فرزند سيد شوڪت حسين شاهه به پنهنجي خانداني روايتن سان نڀائيندي علائقي جي عوام جي بي لوث خدمت ڪئي آهي ۽ سياسي ميدان ۾ مختلف دورن ۾ وزارتن جا عهدا ماڻي چڪو آهي.


لفظ سيد نذر محمد شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو